ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مير رضا جو موت قتل هو يا ڪو ٻيو معاملو؟ ڪيس جي جاچ جاري آهي، پوليس موجب هيل تائين 78 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، پر ڪنهن به شخص کان قتل بابت ڪو اهم سراغ هٿ ناهي آيو.سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪراچي پوليس چيف آزاد خان مير رضا ڪيس بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.پوليس چيف ٻڌايو ته مير رضا 28 جولاءِ تي فوت ٿيو، جڏهن ته 29 جولاءِ تي سندس والد واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي. شروعاتي معلومات موجب واقعي واري هنڌ تان گاهه مان رت، هڪ گل جو گلدان ۽ رت سان ڀريل لفافو مليو، جڏهن ته پوليس 30 بور پستول جي گولي جو خول پڻ هٿ ڪيو.آزاد خان موجب مير رضا ڪيس جي پهرين جاچ ٽيم پهرين آگسٽ تي جوڙي وئي، جڏهن ته ٻي جاچ ٽيم 9 آگسٽ تي قائم ڪئي وئي.اجلاس دوران مير رضا جي موت بابت پوسٽ مارٽم رپورٽن تي به سوال اٿيا.ڪراچي پوليس چيف ٻڌايو ته 29 جولاءِ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ گولي اڳيان کان لڳڻ جو ذڪر آهي، جڏهن ته 8 آگسٽ جي ايگزيوميشن رپورٽ ۾ گولي پٺيان کان لڳڻ ۽ ڇاتي مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.ميڊيڪو ليگل ڊاڪٽر جي ميڊيا کي ڏنل بيان بابت به ڪميٽي ۾ سوال ڪيو ويو، جنهن تي پوليس چيف تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر سميعه پوليس کي بيان ڏيڻ کان اڳ ٽي وي تي بيان ڏنو هو.پوليس چيف موجب مير رضا 28 جولاءِ تي منجهند 3 لڳي 42 منٽن تي بهادرآباد مان سيڪيورٽي گارڊ جي پستول کڻي روانو ٿيو، 3 لڳي 52 منٽن تي گهر پهتو ۽ 3 لڳي 57 منٽن تي آن لائن رائيڊ بُڪ ڪئي.آزاد خان ٻڌايو ته مير رضا پنهنجي گاڏي جي چاٻي، گهڙي، گاڏي ۽ پرس گهر ۾ ئي ڇڏي ڏنا هئا.پوليس موجب هو شام 4 لڳي 9 منٽن تي اڇي گاڏي ۾ گهر مان نڪتو، 4 لڳي 28 منٽن تي منظور اسٽريٽ گلستانِ جوهر پهچي ڊرائيور کي ادائيگي ڪئي، جڏهن ته 4 لڳي 38 منٽن تي نرسري طرف ويندي نظر آيو.پوليس چيف چيو ته مير رضا جا والدين سندس موت کي قتل قرار ڏئي رهيا آهن، تنهن ڪري پوليس به قتل واري رخ کان جاچ جاري رکي آهي.هن ٻڌايو ته مير رضا کي جولاءِ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 4 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو هو، جڏهن ته سندس ٻنهي هٿن تي پستول جا نشان پڻ مليا آهن.پوليس موجب مير رضا جي قميص تي هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ جا ڪجهه نشان ۽ چهري تي تشدد جا نشان به مليا.اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن اميد ظاهر ڪئي ته هن معاملي ۾ ڪنهن کي تحفظ فراهم نه ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي مير رضا کي مبينا طور سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ وارين اطلاعن جو به ذڪر ڪيو ويو.سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته مير رضا ڪيس بابت 24 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ اجلاس ٿيندو.ڪميٽي 24 سيپٽمبر واري اجلاس ۾ مير رضا ڪيس جي جاچ ٽيم کي پڻ پيش ٿي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.










