زونگ ڊيٽا سينٽر لاءِ 18 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري تي اتفاق

زونگ ڊيٽا سينٽر لاءِ 18 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت ۽ زونگ چائنا موبائل پاڪستان (CMPak) وچ ۾ ڪراچي ۾ جديد AI-Ready ٽائر-III ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيو ويندو. منصوبي سان ڪراچي ۾ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ مقامي ڊيٽا هوسٽنگ جون سهولتون وڌڻ سان گڏ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي پڻ هٿي ملڻ جي اميد آهي.وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سان زونگ چائنا موبائل پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر جي قيام ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران زونگ پاران ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبي ۾ شروعاتي طور 4 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ 10 سالن دوران منصوبي ۾ وڌيڪ 14 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت ۽ نوجوانن جي مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي منصوبن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي خطي جو اهم ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته AI-Ready ڊيٽا سينٽر سان ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ مقامي ڊيٽا هوسٽنگ جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو.وزيراعليٰ سنڌ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته زونگ جي ڊيٽا سينٽر منصوبي لاءِ گهربل سهولتون ۽ رابطا ڪاري يقيني بڻائي وڃي.زونگ پاڪستان جي چيئرمين ۽ سي اي او هوو جون لي سنڌ حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي منصوبي ۾ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي عزم جو اظهار ڪيو.سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبو پاڪستان جي ڊجيٽل خودمختياري، آءِ ٽي جي ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته مستقبل جي معيشت ڊيٽا، مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيز سان ڳنڍيل آهي ۽ سنڌ ان شعبي ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪندو.وزيراعليٰ سنڌ موجب زونگ جو ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبو ڊجيٽل پاڪستان ويزن، سي پيڪ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ سان پڻ هم آهنگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو