ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي سيڪٽر 11-آءِ واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ان جو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پوليس موجب، جڏهن اهلڪارن موٽر سائيڪل سوار ٻن شڪي ماڻهن کي روڪڻ ۽ چيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ پوليس آفيسر تي فائرنگ ڪري ڏني.بلٽ پروف ويسٽ پاتل هجڻ سبب پوليس آفيسر محفوظ رهيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ کانپوءِ هڪ شڪي شخص کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پر هو اسپتال منتقل ٿيڻ دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس فوت ٿيل شڪي شخص وٽان هڪ هٿيار ۽ موٽر سائيڪل پنهنجي تحويل ۾ وٺي ورتي آهي.پوليس فوت ٿيل شڪي شخص جي سڃاڻپ معراج عرف ميري طور ڪئي آهي.معراج جو ڀاءُ، مير بالاج، 2024ع ۾ ناظم آباد ۾ پوليس مقابلي دوران مارجي ويو هو، جڏهن ته ان جو پيءُ ابراهيم به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڇاپي دوران اوچائي تان ڪري فوت ٿي ويو هو.










