گل پلازه ڪيس جو چالان جمع، تنوير پاستا مُک جوابدار قرار

گل پلازه ڪيس جو چالان جمع، تنوير پاستا مُک جوابدار قرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ جاچ اختيارين گل پلازه باهه ڪيس جو چالان جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ تنوير پاستا کي مُک جوابدار قرار ڏنو ويو آهي.جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت جي آڏو گل پلازه سانحه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. تنوير پاستا ۽ ٻين جوابدارن عدالت ۾ پيش ٿي جاچ آفيسر ڊي ايس پي عامر ورڪ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو. چالان ۾ تنوير پاستا کي مُک جوابدار ٻڌايو ويو آهي.چالان ۾ چيو ويو آهي ته تنوير پاستا، رمضان، نعمت الله، عمار اسماعيل ضمانت تي آهن. 11 ساله حذيفه جو نالو جوابدار جي فهرست ۾ شامل نه آهي. چالان سان گڏ 85 گواهن جي فهرست به پيش ڪئي وئي آهي.جوابدار امين کي چالان ۾ مفرور ظاهر ڪيو ويو آهي. عدالت ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چالان ۾ گل پلازه سانحي ۾ 72 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. 11 ساله حذيفه جو ڪيس ڌار ڪيو ويو. حذيفه جو جيونائل ڪيس ۾ چالان به پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو