حڪومت جو پي ٽي آءِ تي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي جو الزام

حڪومت جو پي ٽي آءِ تي عدالتي حڪم جي خلاف ورزي جو الزام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت ڇنڇر ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي الزام لڳايو ته پارٽي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جمعي ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ طبي معائني کانپوءِ بيان جاري ڪري ۽ ميڊيا سان ڳالهائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ”ڀڃڪڙي“ ڪئي.
اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو، ”پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو يقين آهي ته صحت جي معاملن کي سياسي فائدي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.“
وفاقي وزير عمران خان تي اهو الزام پڻ لڳايو ته جڏهن مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ جيلن ۾ قيد هئا ۽ عمران خان وزيراعظم هو، تڏهن عمران انهن جي صحت بابت بيان جاري ڪرڻ ۽ وڊيوز جاري ڪرڻ ۾ ملوث رهيو.
تارڙ وڌيڪ چيو ته عمران جي صحت بابت سپريم ڪورٽ جو حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي ”اسان جي حڪومت نه ته سندس مذاق اڏايو آهي ۽ نه ئي ڪو تڪراري بيان ڏنو آهي.“
گذريل ڪجهه ڏينهن جي واقعن جو ذڪر ڪندي تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ان بابت حڪومت جو موقف تفصيل سان واضح ڪيو هو.
تارڙ چيو، ”موقف اهو هو ته جيڪو ڪجهه به ٿيندو، اهو قانون موجب ٿيندو .“ هن چيو ته حڪومت پنهنجي نظرثاني واري درخواست ۾ ”احترام سان اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا اها سهولت هر قيدي کي حاصل آهي؟“ ٻيو سوال اهو هو ته ڇا قانون ۽ آئين عمران خان کي ڪنهن خانگي اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرائڻ جي اجازت ڏين ٿا.
تارڙ پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت وضاحت ڪندي چيو ته، ”اڳيون سوال اهو آهي ته ڇا حڪم تي عمل ٿيو؟ جواب آهي ها. ڇا طبي معائنو ٿيو؟ ها. ڇا اهو شفاف طريقي سان ٿيو؟ ها. ڇا سندس ڀيڻ موجود هئي؟ ها. ڇا شفا اسپتال جا ڊاڪٽر موجود هئا؟ ها. سموريون ذميواريون پوريون ڪيون ويون.“
تارڙ ميڊيا ۽ عام ماڻهن تائين انهن واقعن بابت معلومات پهچائڻ جي معاملي تي پڻ ڳالهائيندي چيو ته حڪومت طرفان نظرثاني واري درخواست داخل ڪرڻ کان ٿوري ئي دير بعد قانون واري وزير ان جا بنياد تفصيل سان بيان ڪيا هئا.
هن چيو ته عمران خان جو پمز ۾ طبي معائنو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ به ايڪس تي ان بابت تازه ڪاري پوسٽ ڪئي هئي پر نعد ۾ ورتل اپاءَ ۽ ڏنل بيان ڏسي کيس ”حيرت“ ٿي. هن چيو، ”پي ٽي آءِ علم جي روشنيءَ کان ميل پري آهي.“ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پارٽي کي صورتحال جي خبر هجي ها ته هوءَ توهينِ عدالت جي درخواست داخل نه ڪري ها. هن چيو، ”هڪ بي بنياد توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.“
تارڙ چيو ته سموريون حقيقتون فوري طور عوام سان شيئر ڪيون ويون ۽ حڪومت سڄي معاملي ۾ شفافيت برقرار رکي.
هن چيو، ”يقيناً توهينِ عدالت ٿي آهي.“ سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي هئي ته طبي معائني ۾ ڪو سياسي مقصد شامل نه هجڻ گهرجي. پر تارڙ چيو ته ماڻهن شفا اسپتال ٻاهران گڏ ٿي سوشل ميڊيا لاءِ مواد ٺاهيو ۽ رڪاوٽون هٽايون.
هن پي ٽي آءِ قيادت کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو، ”ڇا اهو پي ٽي آءِ نه ڪيو هو؟ ڇا انهن عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي؟“ هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ بيان پڻ جاري ڪيا ۽ پريس ڪانفرنسون به ڪيون.
تارڙ چيو، ”جيڪڏهن ڪنهن توهينِ عدالت ڪئي آهي ته اها عمران خان جي ڀيڻ ۽ سندس پارٽي ڪئي آهي.“
تارڙ وڌيڪ چيو ته ان کان اڳ پاڪستان بار ڪائونسل ۽ پنجاب بار ڪائونسل بيان جاري ڪري چڪيون آهن ته انهن ٻنهي ادارن سان لاڳاپيل ڪجهه وڪيل ذاتي حيثيت ۾ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ لاءِ بيان ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ڪائونسلن واضح ڪيو هو ته بار ڪائونسلن کي هن معاملي کان الڳ رکڻ گهرجي.
تارڙ چيو، ”ڪجهه وڪيلن بار جي سياست کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرن جو حڪومتي قدم تي اعتراض
ڇنڇر ڏينهن پاڪستان بار ڪائونسل (PBC) جي اٺن ميمبرن سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ واري حڪم جي حڪومت پاران ”کليل، ڄاڻي واڻي ۽ ارادي سان ڀڃڪڙي“ جي سخت مذمت ڪئي.
ميمبرن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو، ”سپريم ڪورٽ جو حڪم واضح، غير مبهم ۽ پابند ڪندڙ هو، پر ان جي باوجود انتظاميا ان کي نظرانداز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عدالت جي هدايتن جي سڌي ريت مخالفت ڪندي ان جي ڀڃڪڙي ڪئي.“
تارڙ چيو ته پمز جي طبي رپورٽ موجب عمران خان جي صحت بهتر هئي، جنهن تي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ”توهان ڪهڙي بيماري تي سياست ڪري رهيا آهيو؟“
اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان جو طبي علاج ڪڏهن به بند يا معطل نه ڪيو ويو هو ۽ ضرورت موجب جاري رهندو. هن پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ عمران جي خاندان تي زور ڏنو ته قانوني يا صحت جي معاملن کي سياسي رنگ نه ڏين.
تارڙ جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو، جڏهن عمران خان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي انهن ماڻهن خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جن تي 18 آگسٽ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي. ان حڪم ۾ جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم کي وفاقي گادي واري هنڌ جي هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو