پيٽرول مهانگو، ڊيزل سستو، نوان اگهه جاري

پيٽرول مهانگو، ڊيزل سستو، نوان اگهه جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو 82 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 396 رپيا 65 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ 91 پيسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 394 رپيا 94 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگهه 8 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو