خاتونِ اول جو حنا جاويد جي قاتلن لاءِ عبرتناڪ سزا جو مطالبو

خاتونِ اول جو حنا جاويد جي قاتلن لاءِ عبرتناڪ سزا جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري آچر ڏينهن پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي قتل جي مڪمل ۽ جامع جاچ ڪرائي وڃي، جيڪا هن هفتي جي شروعات ۾ پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ مئل حالت ۾ ملي هئي.
حنا خميس ڏينهن شام عسڪري اپارٽمينٽس، لال ڪُرتي ۾ پنهنجي فليٽ جي واش روم مان مئل حالت ۾ ملي هئي. پوليس موجب سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا، سندس ڳچيءَ چوڌاري تار ٻڌل هئي، جيڪا شاور جي راڊ سان ٻڌي وئي هئي. پوليس ڪيس جي سلسلي ۾ سندس مڙس ۽ هڪ گهريلو ملازم کي حراست ۾ ورتو آهي.
صدر جي آفيس پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو ته خاتونِ اول ”راولپنڊي ۾ حنا جاويد جي مبينا بي رحماڻي قتل تي گهري ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سوڳوار خاندان سان يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.“
بيان موجب آصفه صوبائي حڪومت تي زور ڏنو ته ”هن سنگين ڏوهه جي مڪمل جاچ ۽ مناسب تحقيقات“ ڪرائي وڃي.
آصفه چيو ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ ”انهن کي اهڙو مثال بڻايو وڃي جو ٻيهر ڪنهن کي اهڙو عمل ڪرڻ جي همت نه ٿئي.“
هن پاڪستان ۾ عورتن خلاف تشدد جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عورتن جي تحفظ ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.
ايف آءِ آر موجب، جيڪا 20 آگسٽ تي سول لائنز ٿاڻي ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302 ارادي سان قتل) ۽ 34 (گڏيل ارادي تحت داخل ڪئي وئي، حنا جي ڀاءُ فهد جاويد الزام لڳايو ته سندس ڀيڻ کي سندس مڙس، سهري ۽ سندن گهريلو ملازم قتل ڪيو.
فهد پوليس کي ٻڌايو ته خميس ڏينهن شام تقريبن 6:53 وڳي کيس سندس ڀيڻ جي سهري جو فون آيو، جنهن کيس گهر ۾ هنگامي صورتحال بابت اطلاع ڏنو. هن چيو ته هو ٻين گهرڀاتين سان گڏ فليٽ ڏانهن روانو ٿيو ۽ تقريبن 7:23 وڳي اتي پهتو.
هن الزام لڳايو ته جڏهن هو گهر پهتو ته سندس ڀيڻ جو لاش واش روم ۾ پيل هو. شڪايت ڪندڙ وڌيڪ الزام لڳايو ته سندس ڀيڻ کي مڙس پاران ”سخت تشدد ۽ بدسلوڪي“ جو نشانو بڻايو ويندو هو.
هن اهو به خدشو ظاهر ڪيو ته شايد سندس ڀيڻ کي مرڻ کان اڳ ڪا زهريلي شيءِ کارائي يا پياري وئي هجي.
فهد پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته حنا نومبر 2025ع ۾ جوابدار سان شادي ڪئي هئي.
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب سندس ڳچيءَ تي ڦاسي يا ڳچيءَ دٻجڻ جو نشان موجود هو، ساڄي چپ جي هيٺان زخم ۽ رت وهڻ جا نشان پڻ مليا.
ڇنڇر ڏينهن پوليس ترجمان ٻڌايو ته حنا جي مڙس ۽ سندن گهريلو ملازم کي قتل جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته سندس سهري کان پوليس پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. پوليس موجب مرحومه جو سهرو رٽائرڊ فوجي آفيسر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو