پشاور(ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي جي نمائندن وچ ۾ اڄ صبح تقريبن 3 وڳي ٿيل ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي. پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي ٽيم موجب ڳالهين جي ناڪامي جو بنيادي سبب خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪاررواين جي طريقيڪار ۽ حڪمت عملي تي اختلاف هو. پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي ٽيم موجب سندن اصولي موقف هو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروايون وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ اتفاق راءِ سان ڪيون وڃن، جڏهن ته اهڙي حڪمت عملي طئي ڪرڻ دوران خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪندڙ مختلف سياسي پارٽين سان به مشاورت ڪئي وڃي ۽ انهن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ٽيم جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ان تجويز سان اتفاق نه ڪيو ۽ ان جو موقف هو ته وفاق طرفان شروع ڪيل ڪاررواين جي ذميواري صوبائي حڪومت کي به قبول ڪرڻي پوندي. پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي ٽيم موجب دهشتگردي خلاف ڪارروائي بابت سندن موقف واضح آهي ته دهشتگردي لاءِ ڪنهن به قسم جي گنجائش نه هجڻ گهرجي ۽ ان جي مڪمل خاتمي لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. ساڳئي وقت بيگناهه شهرين جي جاني نقصان ۽ مقامي آبادي جي بي گهر ٿيڻ کان به بچڻ ضروري آهي. ٽيم موجب دهشتگردي خلاف پاليسين ۽ ڪاررواين کي مقامي آبادي جي اعتماد ۽ سهڪار حاصل هجڻ گهرجي، جڏهن ته آپريشنل فيصلا زميني حقيقتن ۽ معتبر انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيا وڃن. پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي ٽيم جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ منعقد ٿيل جرڳي دوران صوبي جي مختلف سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن، ضم ٿيل ضلعن جي نمائندن سميت، جيڪي تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون هيون، انهن کي پڻ دهشتگردي خلاف حڪمت عملي جوڙڻ دوران نظر ۾ رکڻ گهرجي. پي ٽي آءِ-ٽي ٽي اي پي ٽيم موجب اهي تجويزون وفاقي حڪومت لاءِ قابلِ قبول نه هيون، جنهن سبب ڳالهين ۾ اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو ۽ ڳالهين جو عمل اڳتي نه وڌي سگهيو.










