سنڌ جا مسئلا حل ڪريو، مراد علي شاهه جو وزيراعظم کان مطالبو

سنڌ جا مسئلا حل ڪريو، مراد علي شاهه جو وزيراعظم کان مطالبو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات، سياسي رواداري ۽ مشاورت برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف سان سومر ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ”سياسي رواداري ۽ مشاورت برقرار رکڻ“ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم جي جماعت مسلم ليگ (ن) ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اها ڄاڻ ڏني.
اها ملاقات وفاق ۾ اتحادي جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ مراد علي شاهه جي پيپلز پارٽي (پ پ پ) وچ ۾ وڌندڙ اختلافن جي پسمنظر ۾ ٿي آهي.
مسلم ليگ (ن) ٻڌايو ته ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مسلم ليگ (ن) جي ايڪس پوسٽ موجب ڳالهين دوران سنڌ سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي پڻ بحث ڪيو ويو.
ملاقات ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزا فاطمه خواجا، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيما ۽ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ پڻ شرڪت ڪئي.
اها ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن پيپلز پارٽي خاص طور آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (AJK) ۾ ٿيل تازين چونڊن بابت پنهنجون شڪايتون ظاهر ڪري رهي آهي. چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو الزام آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگيون ٿيون.
گذريل هفتي پيپلز پارٽي مخالف ڌر سان پڻ باضابطه رابطو قائم ڪيو هو. پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته اي جي ڪي چونڊن بابت سندن شڪايتن جو ازالو ٿيڻ تائين حڪمران مسلم ليگ (ن) سان حقيقي اتحاد ممڪن ناهي.
ملاقات دوران فوري طور ڌيان پارلياماني سهڪار تي رهيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي ڪميٽين ۾ شرڪت بحال ڪرڻ کان وٺي چونڊ سڌارن کي اڳتي وڌائڻ تائين معاملا شامل هئا، پر ملاقات ۾ وسيع سياسي پسمنظر پڻ نمايان هو.
پيپلز پارٽي طرفان اهو اشارو ڏنو ويو ٿي سگهي ٿو ته، جيتوڻيڪ اها اڃا تائين اتحادي حڪومت جو حصو آهي، پر هوءَ مخالف ڌر سان وڌيڪ مضبوط نموني رابطو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، خاص طور تي جڏهن اي جي ڪي چونڊن جي نتيجن بابت ڇڪتاڻ اڃا تائين برقرار آهي.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ اختلاف 18 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ۾ پڻ ظاهر ٿيا، جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کي ان ڏينهن جي وڏي قانون سازي واري ايجنڊا کي تقريبن معطل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان ايجنڊا ۾ 21 بل شامل هئا.
20 آگسٽ تي جڏهن پارليامينٽ جي هيٺين ايوان فوج ۽ ايٽمي ڪمانڊ جي ڍانچي سان لاڳاپيل ٻه بل منظور ڪيا، تڏهن پيپلز پارٽي انهن بلن کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي طريقيڪار تي پڻ اعتراض ڪيو. جيتوڻيڪ پارٽي آخرڪار بلن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر بلاول ڀٽو زرداري حڪمران جماعت تي تنقيد ڪندي چيو ته اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.
جمعي ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پيپلز پارٽي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سخت بيان ڏنو. هن پيپلز پارٽي تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندي سياسي مخالفن کي خبردار ڪيو ته هو سندس حڪومت جي ڪارڪردگي کي نشانو نه بڻائين.
سنڌيار کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مراد علي شاهه صدر زرداري جي هدايت تي وزيراعظم سان ملاقات ڪري، ترقياتي رٿائن لاءِ بروقت رقم نه ملڻ، ڪم جي رفتار سست رهڻ، پاڻي جي مسئلن، ڊجيٽل معاملن سميت مختلف ايشوز تي کليل موقف رکيو آهي.
موجوده صورتحال ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي اڃا ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ اپوزيشن سان تعان بابت پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. مراد علي شاهه جي ملاقات ان طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو