اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ( ن )، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءَ اسلام سُپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ۾ فُل بئنچ جورڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.فاروق ايڇ نائيڪ، ڪامران مرتضيٰ ۽ منصور عثمان ايڊووڪيٽ ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سمورن جَجَن تي ٻڌڪل فل ڪورٽ جوڙي وڃي ۽ فل ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي شامل نه ڪيو وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٻئي جج اڳواٽ ئي پنهنجو مائينڊ ڪيس ۾ اپلاءِ ڪري چڪا آهن،ڪيئي آئيني، قانوني ۽ عوامي اهميت جا سوال سامهون اچي چُڪا آهن جن تي ٻڌڻي ضروري آهي.










