دهشتگردن جي گاڏي جو پهريون مالڪ ضمانت تي آزاد

دهشتگردن جي گاڏي جو پهريون مالڪ ضمانت تي آزاد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس آفيس (ڪي پي او) حملي ۾ دهشتگردن جي استعمال هيٺ آيل گاڏي جي پهرين مالڪ کي پوليس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ڪي پي او حملي ڪيس ۾ گاڏي جو نمبر اَي ايل ايف-043 لکيو ويو آهي.جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ڪار مالڪ کانپوءِ ٽن ماڻهن گاڏي ورتي ۽ وڪڻي، پهرين ڪار مالڪ کانپوءِ گاڏي ٽن مالن جي نالن تي منتقل نه ڪئي وئي.ذريعن موجب ڪي پي او جي ٻاهران بيٺل گاڏي ۾ ٻيون جعلي نمبر پليٽون به موجود هيون.ذريعن ٻڌايو ته گاڏي دهشتگردن تائين ڪيئن پهتي؟ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.جاچ ذريعن ٻڌايو ته شو روم جو مالڪ هن وقت پنجاب ۾ آهي کيس ڪراچي گهرايو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو