گذريل هفتي ۾ 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو

گذريل هفتي ۾ 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شماريات جي بيورو هفتيوار مهانگائي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي.شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ، 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 20 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.انگن اکرن موجب پياز جي قيمت ۾ 13 رپيا في ڪلو ۽ گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 136 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته چانورن جي اگهه ۾ 5 رپيا في ڪلو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ٽماٽي جي قيمت ۾ 2 رپيا 18 پئسا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 33 رپيا، دال ماش 3 رپيا ۽ مونگ جي دال 4 رپيا في ڪلو وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو