جاپان ۾ سخت برفباري، هڪ ڄڻو مارجي ويو

جاپان ۾ سخت برفباري، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برفباري سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽوڪيو ۾ موسم جي پهرين برفباري ٿي، جاپان جي شهر منوا ۾ 24 ڪلاڪن دوران 36 انچ برفباري ٿي، اڄ صبح ڪوسا ۾ گرمي پد مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي اترين حصي ۾ ملڪي ايئر لائنز جون 300 کان وڌيڪ اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته بلٽ ٽرين سروس به معطل ۽ ڏيهي وڃڻ سبب دير ڪئي وئي آهي.وچ جاپان ۾ برفباري سبب روڊن تي ڪارون ۽ ٽرڪون هلڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.نيوز ايجنسي موجب اولهه جاپان کان اتر جاپان تائين برفباري جو سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو