اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو.پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران تجويز ڪيل 2 نالا اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر شرڪت ڪندا.ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ نگران وڏي وزير جي نالن تي غور ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن سڀاڻي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو اعلان ڪندو.










