لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز 27 جنوري تي لنڊن کان پاڪستان پهچندي.خانداني ذريعن جيو نيوز کي تصديق ڪئي آهي ته مريم نواز سان گڏ خاندان جا ڪجهه ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪن به پاڪستان ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز پاڪستان پهچڻ کانپوءِ سياست ۾ ڀرپور حصو وٺندي.واضح رهي ته مريم نواز جو هلندڙ مهيني جنيوا ۾ گلي جي ٻن گلن جو 3 ڪلاڪ ڊگهو آپريشن ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب رهيو.










