ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي شهر جي 170 يونين ڪميٽين جي نتيجن ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 80 سيٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي 49 سيٽن سان ٻئي ۽ تحريڪ انصاف 29 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مسلم ليگ ن 6، جي يو آءِ 2، آزاد اميدوار 2، تحريڪ لبيڪ ۽ مهاجر قومي مومينٽ هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي زيدي ڌانڌلي جو الزام هڻندي نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب شهر جي 65 سيٽن تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا نتيجا اچڻا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب شهر جي 246 مان 235 يونين ڪميٽين تي چونڊون ڪرايون ويون، جڏهن ته 11 سيٽن تي اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون. ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي چيئرمينن جا نتيجا مڪمل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ پيپلز پارٽي 26 يونين ڪميٽين مان 15 ۽ تحريڪ انصاف 9 تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. لياري جي 13 مان 11 پ پ کي مليون، هڪ سيٽ پي ٽي آءِ کٽي آهي. هڪ يوسي جو نتيجو رهيل آهي. صدر ٽائون جي سمورن 13 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ هن وقت تائين 8 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي صدر ٽائون جي 4 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تحريڪ لبيڪ صدر ٽائون جي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ملير ٽائون جي 10 مان 5 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن مان 4 پيپلز پارٽي ۽ هڪ پي ٽي آءِ کٽي آهي، گلبرگ ٽائون جي 8 مان 3 سيٽن جا نتيجا اچي ويا آهن ۽ اهي 3 سيٽون جماعت اسلامي کٽيون آهن. لياقت آباد ٽائون جي هڪ سيٽ جو نتيجو سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ جماعت اسلامي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ماڙيپور جي 3 مان 2 سيٽون پيپلز پارٽي ۽ هڪ پي ٽي آءِ کٽي. ڪياماڙي ٽائون جي 2 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ابراهيم حيدري ٽي ايم سي هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي وڏو ڌڪ، ضلعي صدر پاڻ يوسي اليڪشن هارائي ويو. ڪراچي اليڪشن ۾ هينئر تائين جو سڀ کان وڏو اپ سیٹ سامهون اچي ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جو صدر ۽ ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر خرم شير زمان يوسي اليڪشن هارائي ويو آهي. صدر ٽائون يوسي 11 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيد نجمي عالم پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان کي شڪست ڏني، نجمي عالم هن سيٽ تي 2 هزار 696 ووٽ حاصل ڪيا. خرم شير زمان ڏهن سالن کان هن علائقي مان ايم پي اي آهي ۽ پي ٽي آءِ طرفان کيس ميئر جو اميدوار به قرار ڏنو پيو وڃي، هو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر هئڻ باوجود يوسي چيئرمين جي سيٽ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو هو. ٻئي طرف پولنگ ختم ٿيڻ کان ڪيترا ڪلاڪ پوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو پيو وڃي ۽ نتيجن جي رفتار سست آهي، سينٽرل، ڪورنگي ۽ مشرقي ضلعن جا نتيجا اچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.










