ڪشميرين سان يڪجهتي دنيا ڀر ۾ مظاهرا، راهول گانڌي سرينگر مان واپس

 ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) آزاد ڪشمير۽ پاڪستان جي صحافين والاريل ڪشمير ۾ ميڊيا تي پابندي خلاف احتجاج ڪندي ايل او سي طرف مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڌانهن ڀارت مان ڪانگريس پارٽي جو سربراهه راهول گانڌي سرينگر پهچي ويو جنهن کي قيد ڪشميري ليڊرن ۽ ماڻهن سان ملن نه ڏنو ويو ۽ انتظاميا ايئر پروٽ تان ئي کيس واپس ڪري ڇڏيو. سينٽرل يونين آف جرنلسٽ جي اپيل تي آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي صحافين لائن آف ڪنٽرول جي طرف چڪوٺي تائين مارچ ڪيو ويندو.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران صحافين کي ڪم کان روڪڻ ۽ اخبارن، نيوز چينلز جي بندش خلاف هي احتجاج ڪيو پيو وڃي. احتجاج ڪندڙ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ دوائون به پاڻ سان گڏ کڻي چڪوٺي روانا ٿي ويا آهن. جتي هو ڀارتي فوجي موچن جي سامهون ڌرڻو هڻندا. مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته انٽرنيشنل ريڊ ڪراس هي سامان ايل او سي کان والاريل ڪشمير موڪلي جتي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون سبب خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي.

راهول گانڌي کي سرينگر ايئرپورٽ تان واپس ڪيو ويو

هواڏانهن مودي سرڪار طرفان پابندي جي باوجود ڪانگريس اڳواڻ راهول گاندهي ۽ غلام نبي آزاد سميت 12 سياستدان سرينگر پهچي ويا آهن پر کين واپس ڪيو ويو. ڪانگريس اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو سري نگر ۾ گرفتار سياسي اڳواڻن سان ملڻ ۽ جمون ڪشمير جي عوام سان اظهار يڪجهتي لاءِ آيا آهن. هنن چيو ته آخر ڇو ڪنهن کي به والاريل وادي ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي. ڪجهه ته آهي جو بي جي پي لڪائي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حالتون ٺيڪ آهن ته عمر عبدالله ۽ محبوبه مفتي کي ڇو نظر بند ڪيو ويو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڪرفيو جو اڄ 20هون ڏينهن آهي. پر حالتون گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. مواصلاتي نظام به معطل آهي. جڏهن ته  جمعي تي ڪرفيو ۽ سمورين رڪاوٽون باوجود والاريل وادي جي عوام روڊن تي نڪري ڀرپور مظاهرا ڪيا هئا. جيو نيوز موجب اڄ به مظاهرا ٿيا آهن. قابض فوج پاران طاقت جي انڌي استعمال سبب ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا. قابض فوج هٿين خالي مظاهرين تي پيلٽ گن ۽ آنسو گيس جا شيل فائر ڪيا جنهن سبب ڪيترائي احتجاج ڪندڙ زخمي ٿي پيا. بي بي سي موجب سري نگر جي مرڪزي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز کان علاوه ڪنهن وڏي اجتماع جي اجازت نه ڏني وئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شدت پسند هندوئن طرفان ڪشميري عورتن بابت نازيبا بيانن کان پوء ڪشميرين پنهنجي مائرن، ڀيڻن ۽ ڌيئرن جي تحفظ جي لاءِ محلي جي سطح تي ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن.

لنڊن ۾ ڪشميرين جي حق ۾ مظاهرو

هوڏانهن لنڊن سميت والاريل ڪشمير ۾ گذريل ٽن هفتن کان جاري ڀارتي ظلمن جي خلاف سموري دنيا ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. پيرس ۾ يونيسڪو هيڊ ڪوارٽر جي ٻاهران پاڪستاني، ڪشميري ۽ سک برادري ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي جي خلاف احتجاج ڪيو.

پيرس ۾ مودي جي يونيسڪو ۾ خطاب وقت احتجاج

جيتري دير نريندر مودي جو يونيسڪو هيڊ ڪوارٽر ۾ خطاب ٿيندو رهيو، ايتري ئي دير  احتجاج ڪندڙ سموري دنيا کي ڀارت جو اصل چهرو ڏيکاريندا رهيا. ان دوران  مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيو بيٺل هئا جن تي خالصتان جي قيام ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. مظاهرين ڪشمير جي هڪ طرفي حيثيت تبديل ڪرڻ جي خلاف نعرا هنيا ۽ چيو ته گڏيل قومون ڀارت کي ظالمانه قدم واپس وٺڻ تي مجبور ڪن. هوڏانهن برمنگهم ۾ به ڀارتي قونصليٽ جي سامهون مظاهرين سخت احتجاج ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

ترڪي ۾ ڪشميرين جو احتجاج

ٻئي طرف ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ ڀارتي سفارتخاني ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. استنبول ۾ به ڀارتي قونصل خاني جي سامهون سوين ماڻهن ڀارتي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي حيثيت هڪ طرفي طور تبديل ڪئي آهي جيڪا ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو