ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت جي اڻوڻندڙ وڊيو وائرل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار سندس ٽين زال دانيا شاهه کي ڪراچي ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر مڪيش ڪمار جي عدالت ۾ پيس ڪيو ويو دانيا ۾ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آئي اي) جي سائبر ڪرائم ونگ عامر لياقت جون اڻوڻدڙ وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي الزام ۾ 15 ڊسمبر 2022 تي لوڌران ۾ ان جي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو ايف آئي اي پاران ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جاچ آفيسر عدالت کان حتمي چالان لاءِ مهلت ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڪيس جا شاهد پنجاب ۾ آهن جن کي ٽوئٽس جاري ٿي چڪا آهن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻا آهن ان تي جوابدار عورت جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته 2 مهينا گذرڻ جي باوجود ڪيس جو حتمي چالان جمع ناهي ڪرايو ويو ٻن مهينن کان پوءِ به جاچ آفيسر وقت گهري رهيو آهي دانيا جي وڪيل عدالت کي ايف آئي اي کي وڌيڪ مهلت نه ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته عامر لياقت پنهنجي زندگي ۾ ئي دانيا شاهه کي معاف ڪري چڪو هو عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن چالان ۾ مواد هجي ته ٽرائل هلائينداسين ٻي صورت ۾ آرڊر جاري ڪنداسين. عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عبوري چالان پيش ڪيو ويندو.










