لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اٽي جي اگهن ۾ ٻن مهينن ۾ مسلسل اٺون ڀيرو اضافو ڪيو ويو آهي، اٽو 10 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.مل مالڪن ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل نئين ريٽ لسٽ موجب اٽي جي قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اٽي جو اگهه 160 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب فلور مل مالڪن 2 مهينن ۾ مسلسل 8 هين ڀيرو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي، فائن اٽي جي 40 ڪلو ٿلهي جو اگهه 12 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي جڏهن ته 15 ڪلو اٽي جو ڪمرشل ٿيلهو 2150 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ڪڪڙ جي گوشت ۽ انڊن جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جنهنڪري انڊن جو اگهه 280 رپيا في درجن ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪڪڙ جي گوشت جو سرڪاري اگهه 574 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه دڪاندار مرغي جو گوشت 620 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن.ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه ۾ 20 رپيا واڌ ٿي وئي آهي، جنهن بعد 620 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ڪوئيٽا ۾ هن هفتي دوران مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ پنجون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي، هن هفتي جي شروعات ۾ ڪڪڙ جو گوشت 520 رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهيو هو.ان کان علاوه ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ ڪڪڙ جو گوشت 580 ۽ 600 رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي.










