ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس، بئنڪ اڪائونٽس به بحال

ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس، بئنڪ اڪائونٽس به بحال

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس وٺڻ جو لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي واپسي کانپوءِ اڪائونٽس ۽ اثاثن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير جي اثاثن جي ضبطي واري پابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ بئنڪ اڪائونٽس به بحال ڪيا ويا آهن.عدالت چيو ته اسحاق ڊار هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ عدالتي اختيار ختم ٿيڻ سبب ٽرائل ختم ٿي ويو، جڏهن ته پراسيڪيوٽر اهو به چيو ته عدالت قانون موجب مناسب حڪم جاري ڪري، تنهن ڪري اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس ورتو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو