حق سچ لکڻ وارن صحافين جو ڳاٽ اونچو هوندو آهي،ايم بي

حق سچ لکڻ وارن صحافين جو ڳاٽ اونچو هوندو آهي،ايم بي

ٽنڊو مستي(ن س) ناليواري صحافي ۽ پنهنجي اخبار جي اسلام آباد ۾ بيوروچيف ايم بي سومرو جي مان ۾ ٽنڊومستي خان پريس ڪلب جي صحافين پاران آجياڻو ڏنو ويو. پريس ڪلب جي نائب صدر رزاق خان مري سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارايو ان موقعي تي ايم بي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيوتہ صحافت مقدس پيشو آھي جنهن جو مقدس حق سچ لکڻ آھي اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي تہ اسان جي لکيل خبر سان ڪنهن انسان کي تڪليف نہ اچي باقي حق سچ جي رستي تي هلندي جيتري بہ تڪليف اچي مڙس ٿي منهن ڏجي حق ۽ سچ لکڻ وارا صحافي سدائين اونچو ڳاٽ ڪري هلندا آھن ۽ ان موقعي تي صدر اخلاق حسين چانڊيو آيل مهمان ايم بي سومرو جا ٿورا مڃيا ۽ چيوتہ انشاالله ٽنڊومستي پريس ڪلب کي حق سچ جو قلعو ثابت ڪنداسين ۽ صحافين طاهرخان بروهي ڪامل الدين اڄڻ حنيف ارباب ڦلپوٽو صفي الله جتوئي نادر علي اڄڻ اصغرعلي اڄڻ آصف ابڙو جاويد لهر فداحسين لنجواڻي ساجد حسين سومرو ۽ مھمان ڪامريڊ مشتاق اڄڻ پڻ پريس ڪلب ۾ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو