ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ مارڪيٽ ۾ سپلائي وڌائي ويندي: ملڪ بوستان

ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ مارڪيٽ ۾ سپلائي وڌائي ويندي: ملڪ بوستان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن جي چيئرمين ملڪ بوستان چيو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ مارڪيٽ ۾ سپلائي وڌائي ويندي ۽ بليڪ مارڪيٽ کي ختم ڪرڻو پوندو.ملڪ بوستان وفد سان گڏ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن هينڊ ريفررز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن تي ناڻي واري وزير ايف آءِ اي ذريعي ڪارروائي جو واعدو پڻ ڪيو آهي.ملڪ بوستان جو چوڻ هو ته ايڪسچينج ڪمپنين فيصلو ڪيو آهي ته هو ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ڊالر گڏ ڪري حڪومت کي ڏين، ڊالر جي ريٽ کي گهٽائڻ سان مارڪيٽ ۾ سپلائي وڌي ويندي ۽ بليڪ مارڪيٽ جو خاتمو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو