اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواستن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 16 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران يونين ڪائونسلن جا انگ وڌائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان وفاقي حڪومت جي يونين ڪائونسلن جو انگ وڌائڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪندڙ ٻين درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار 28 ڊسمبر تي ووٽر لسٽن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن درخواستگذارن کي ٻڌي ۽ ووٽر لسٽن جو معاملو قانون موجب حل ڪري.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف وفاقي حڪومت سميت سمورا درخواستگذار 27 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿين.لکت واري فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين درخواستن کي ٻڌي ۽ معاملي جو قانون موجب فيصلو ڪري.










