ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انوشڪا شرما بنا اجازت اشتهار ۾ تصويرون استعمال ڪرڻ تي مشهور اسپورٽس برانڊ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اسپورٽس برانڊ به هڪ وضاحت سامهون آئي جنهن بعد سوشل ميڊيا صارفين کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هن اسپورٽس برانڊ اداڪارا انوشڪا شرما جي الزامن جو جواب ڏيندي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي.پوسٽ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه دستاويز ڏسي سگهجن ٿا، جن تي ”ڪانفيڊينشل“ جو ليبل لڳايو ويو آهي پر انهن دستاويزن جي ڪيپشن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ان برانڊ جي وچ ۾ معاهدي جا دستاويز آهن.تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ اسپورٽس برانڊ انوشڪا شرما کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته اسان کي اڳ پهچڻ گهرجي ها، ڇا اسان شين کي هاڻي اڳتي وٺي سگهون ٿا؟ ان پوسٽ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ اداڪارا انوشڪا شرما پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته هوءَ ڊيل بابت سوچي رهي هئي پر ٻئي ئي لمحي هن پنهنجي انسٽاگرام ڪهاڻي تي ڊيل جو اعلان ڪيو.










