ڀارت: 16 سالن جي ڇوڪري سان 8 ماڻهن پاران اجتماعي زيادتي

ڀارت: 16 سالن جي ڇوڪري سان 8 ماڻهن پاران اجتماعي زيادتي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ 16 ورهين جي ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو رياست مهاراشٽرا ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڇوڪري کي 8 ماڻهن مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.پوليس موجب ڇوڪريءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته نوجوان ڇوڪرو کيس لالچ ڏئي هڪ خالي بنگلي ۾ وٺي ويو، جتي سڄي رات سان زيادتي ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري ڇنڇر تي شڪايت داخل ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته 16 ڊسمبر جي رات 8 وڳي کان 11 وڳي جي وچ ۾ ساڻس زيادتي ڪئي وئي. پوليس موجب نينگري جي فرياد تي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو