اسان غير معمولي چيمپيئن شپ منعقد ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو: امير قطر

اسان غير معمولي چيمپيئن شپ منعقد ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو: امير قطر

دوحه(ويب ڊيسڪ)قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جو چوڻ آهي ته اسان عرب ملڪن طرفان غير معمولي چيمپيئن شپ منعقد ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي.فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جي فائنل کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني چيو ته مان ارجنٽائن جي ٽيم ۽ فرانس جي ٽيم کي ورلڊ ڪپ 2022 کٽڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.قطر جي امير چيو ته بهترين ڪارڪردگي تي سڀني ٽيمن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ مداحن جو به ٿورائتو آهيان جن جوش سان داد ڏنو.هن وڌيڪ چيو ته اسان عرب ملڪن طرفان هڪ غير معمولي چيمپيئن شپ جي ميزباني جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو جنهن سان دنيا جي ماڻهن کي پنهنجي ثقافت ۽ اسان جي قدرن جي اصليت کان واقفيت جو موقعو مليو.واضح رهي ته قطر ۾ ٿيندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ 2022 جي فائنل ۾ ارجنٽائن فرانس کي شڪست ڏئي يورپ جي 16 سالن جي اجارداري ختم ڪندي ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.فائنل جو فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ڪيو ويو جنهن ۾ ارجنٽائن 2-4 تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو