ڊالر اڄ به مهانگو ٿي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج ٻڏتر جو شڪار

ڊالر اڄ به مهانگو ٿي ويو، اسٽاڪ ايڪسچينج ٻڏتر جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي.اڄ صبح جو ڪاروبار شروع ٿيڻ کان وٺي ڊالر جي قدر وڌي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 224 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ ڊالر 224 رپيا 40 پيسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 75 پوائنٽس وڌي 41773 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو