پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 30 روپين تائين لاٿ جو امڪان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 30 روپين تائين لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل لاٿ سبب ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 روپين تائين لاٿ جو امڪان آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پيٽرول جي خريداري 76 کان 77 ڊالر في بيرل ڪئي پئي وڃي. پيٽرول تي ليوي چارجز هن وقت 50 روپيه في ليٽر وصول ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سمورن پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس اڃان تائين ٻُڙي آهي. ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت هن وقت 224 روپيه 80 پئسا في ليٽر آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين 15 ڊسمبر تي ٿيندي. اختيارين موجب اوگرا 15 ڊسمبر تائين تيل خريداري جي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻيندو ۽ اوگرا ورڪنگ 15 ڊسمبر تائين تيل جي خريداري تي ٻڌل هوندي. اوگرا ورڪنگ تي حتمي فيصلو ناڻي وارو وزير وزيراعظم سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو