عمران نيازي جي معافي جي درخواست تمام جلد اچڻ واري آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جلد عمران نيازي کان اين آر او ۽ معافي جي درخواست ايندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته لانگ مارچ جي تاريخي ناڪامي کانپوءِ عمران خان کي جلد منهن ڏيڻ جي درخواست ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته جنهن کانپوءِ عمران خان 26 تاريخ تي پروگرام ملتوي ڪرڻ جو سوچي به سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو