عمران خان جي لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين: شيخ رشيد

عمران خان جي لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حقيقي لانگ مارچ جو ڪميٽي چوڪ تي تاريخي استقبال ڪيو ويندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته حقيقي آزادي مارچ لاءِ لال حويلي کي ايمرجنسي ڪيمپ آفيس بڻايو پيو وڃي، فوڪل پرسن جو اهم اجلاس 18 نومبر تي لال حويلي ۾ طلب ڪيو ويو آهي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته عمران خان جيڪا به تاريخ ڏيندو ان ڏينهن ڪميٽي چوڪ تي تاريخي استقبال ڪيو ويندو.هن چيو ته هو جمعي تي حقيقي آزادي مارچ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيندو.اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته عوام کي گذارش آهي ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪري ملڪ ۾ جاري انتشار مان جان ڇڏائي.

پهنجو تبصرو موڪليو