چيني صدر جو جي 20 ملڪن تي شرح سود گهٽائڻ  تي زور

چيني صدر جو جي 20 ملڪن تي شرح سود گهٽائڻ تي زور

بالي(ويب ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگ جي 20 ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي شرح سود ۾ گهٽتائي ڪن، امير ملڪ سود جي شرح وڌائڻ سان ٿيندڙ نقصانن کان پاسو ڪن.انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي موقعي تي چيني صدر چيو ته اسان کي عالمي مهانگائي تي ضابطو آڻڻو پوندو ۽ معيشت ۽ فنانس ۾ منظم خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو.چيني صدر چيو ته ترقي يافته معيشتن کي مانيٽري پاليسي ايڊجسٽمينٽ جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ گهرجي ۽ قرض کي پائيدار سطح تي مستحڪم ڪرڻ گهرجي.صدر شي جن پنگ چيو ته اسان کي خوراڪ ۽ توانائي جي مسئلن تي سياست ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته نظرياتي ۽ سياسي مخالفت دنيا کي ورهائڻ جو سبب بڻجندي.

پهنجو تبصرو موڪليو