اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ ٽن نون ججن عهدن جو حلف کڻي ورتو،سپريم ڪورٽ ۾ ٽن نون ججن جي حلف برداري واري تقريب ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ٽن نون ججن کان حلف ورتو.حلف کڻندڙن ۾ جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي منظوري ڏني هئي.










