وفاقي وزير اسحاق ڊار جو گڏيل عرب امارات آمد، واپارين سان ملاقات

وفاقي وزير اسحاق ڊار جو گڏيل عرب امارات آمد، واپارين سان ملاقات

دبئي(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار متحده عرب امارات جي دوري دوران ابو دبئي هولڊنگ ڪمپني جي چيئرمين محمد السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي ايم ڊي سيد بصر سان ملاقات ڪئي.رپورٽن مطابق ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. متحده عرب امارات پاڪستان ۾ توانائي، زراعت ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو