دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش زمبابوي کي 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش زمبابوي کي 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

برسبين(ويب ڊيسڪ)آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش زمبابوي کي کٽڻ لاءِ 151 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي.برسبين ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي زمبابوي خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون.بنگلاديش طرفان اوپنر نجم حسين شنٽو 71 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ان کان علاوه سوميا سرڪار صفر، لطيف داس 14، ڪپتان شڪيب الحسن 23، عفيف حسين 29، مصدق حسين 7 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.نورالحسن ۽ ياسر علي هڪ هڪ رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون جنهن ۾ پاڪستان ۽ هالينڊ، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.اهي ٻئي ميچون پرٿ ۾ کيڏيون وينديون، سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي هالينڊ کي هارائڻو پوندو، ڀارت کي ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش کي زمبابوي کي هارائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو