ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپيو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ئي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 25 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 221 رپيا 75 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 221 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو.










