عمران خان جو جمعي کان لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان

عمران خان جو جمعي کان لاهور مان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جمعي کان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو مان فيصلو ڪيو آهي ته لانگ مارچ جو اعلان ڪيان ۽ مارچ لاهور کان شروع ڪري رهيو آهيان، اسان صبح 11 وڳي لبرٽي ۾ گڏ ٿينداسين ۽ اسلام آباد ڏانهن وينداسين.سندس موجب مون کي غير ذميوار چيو ويو، چيو ويو ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، توهان ڏکئي وقت ۾ لانگ مارچ ڪري رهيا آهيو، اسان کي حڪومت ملي ته معاشي بحران هو، مٿان وري ڪورونا جو بحران اچي ويو، فضل الرحمان اسان جي خلاف ٻه مارچ ڪيا، هڪ مارچ بلاول به ڪيو، مريم نواز به هڪ لانگ مارچ ڪيو، جيڪو گوجر خان ۾ ئي رهجي ويو هو، ان وقت ته ڪنهن کي خيال نه آيو ته ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ناهن.هن چيو ته مئي ۾ اسان جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪيو ويو، 25 مئي تي رڳو ملڪ جي خاطر لانگ مارچ جو سڏ واپس ورتو، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي خريد ڪري اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي، مون تي ڪيسن جو مينهن وسايو ويو، 20 کان وڌيڪ ايف آءِ آرز ڪاٽيون ويون آهن.عمران خان چيو ته ملڪ جا سمورا چور پنهنجا ڪيس معاف ڪرائڻ ۾ لڳل آهن، اسيمبلي جي اندر ويهي اهڙيون ترميمون ڪيون ويون، جن سان اهي چور بچي ويا، لانگ مارچ سياست کان گهڻي مٿانهين ڳالهه آهي، اهو جهاد آهي، اهو فيصلو ڪندو ته پاڪستان ڪهڙي پاسي ويندو، اهو جهاد فيصلو ڪندو ته چورن جي غلامي ڪرڻي آهي يا نه، انهن جا هينڊلرز سمجهن ٿا ته اسان ٻڪريون آهن، هي حقيقي آزادي جو مارچ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو