رشي سونڪ برطانيه جو وزيراعظم ٿيڻ جو مضبوط امڪان

رشي سونڪ برطانيه جو وزيراعظم ٿيڻ جو مضبوط امڪان

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير رشي سونڪ کي برطانيا جو بنا مقابلي وزيراعظم چونڊجڻ جو امڪان آهي.برطانوي ميڊيا موجب ٽوري اميدوار کي صبح 2 وڳي تائين 100 ايم پي ايز جي حمايت حاصل هجڻ ضروري آهي، پيني مورڊنٽ هن وقت تائين 30 کان به گهٽ ايم پي ايز جي حمايت حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته متوقع مضبوط اميدوار بورس جانسن گذريل شام ريس تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.بورس جانسن دعويٰ ڪئي هئي ته هو چاهيندڙ ميمبرن جي حمايت باوجود برطانوي وزيراعظم جي چونڊ نه وڙهندو، بورس جانسن جي حمايت ڪندڙ سينيئر ٽوري ميمبر هاڻي پارٽي ميمبرن کي رشي سوانڪ جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي ڪابينا ميمبرن پريتي پٽيل، مائيڪل گوو به رشي سنڪ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيمس ڪليورلي ۽ نديم دهاوي به رشي سنڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي طرف شيڊو اٽارني جنرل ايملي ٿارن بيري جو چوڻ آهي ته ٽوري ليڊر جي چونڊ مڪمل طور تي غير جمهوري آهي، برطانيا ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو