يورپ ۾ پي آءِ اي سميت سمورن پاڪستاني ايئر لائنز جي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي

يورپ ۾ پي آءِ اي سميت سمورن پاڪستاني ايئر لائنز جي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يورپ ۾ پي آءِ اي سميت سمورن پاڪستاني ايئر لائنز جي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن موجب يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي آءِ اي ايس اي سي اي اي جي عملدارن کي طلب ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان سول ايوي ايشن جي ٽيم برسلز روانو ٿي وئي.ذريعن موجب ملاقات کانپوءِ يورپي ڪميشن جي ٽيم 2023ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، دوري ۾ پاڪستاني ايئرلائنز کي يورپي ڪميشن لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو شرط آهي.اختيارين موجب سي اي اي وفد يورپي اختيارين کي لائسنس، سائيٽ ۽ رجسٽريشن جي معاملن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندو.يورپي ڪميشن ۽ IASA جا عملدار سي اي اي جي وفد سان ملاقات کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ قدمن جو جائزو وٺندا. مطمئن ٿيڻ بعد يورپي ملڪن ڏانهن پي آءِ اي جون اڏامون بحال ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو