مال پڙي جي داخلا ۽ جانور جي وڪري جي فيس ڊبل

مال پڙي جي داخلا ۽ جانور جي وڪري جي فيس ڊبل

اسلام ڪوٽ (پرڪاش ڪمار) اسلام ڪوٽ جي مال پڙي ۾ ٺيڪيدار پاران قرباني لاء کڻي ايندڙ مالوند ماروئڙن کي غيرقانوني اوڳاڙي ڪري ٻنھي ھٿن سان ڦريو پيو وڃي مال کڻي ايندڙ ڏڪار جي ماريل غريب ٿري ماڻھن کان في جانور تي رڳو پڙي ۾ داخل ٿيڻ جا ڏھ روپين بدران ويھ روپيا ورتا وڃن ٿا جڏھن ته ٻڪر جي وڪرو ٿيڻ تي 400 روپيا ورتا وڃن ٿا ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٺيڪيدار پاران رکيل نجي ملازم مالوندن سان بدتميزاي ڪري رهيا آهن. رابطو ڪرڻ تي اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي چئرمين ڪمليش ڪمار ٻڌايو ته پڙي جو ٺيڪو ھڪ ڪروڙ ٻاويھ لکن ۾ ڏنو ويو آھي ٻئي پاسي مال ڪاھي ايندڙ ٿر جي غريب ماڻھن صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته انھن کان پھرين مال جي وڪري تي 200 روپيا ورتا ويندا ھئا جيڪا ھاڻي 400 روپيا ورتا پيا وڃن، جيڪا سراسر نا انصافي آھي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته پڙي ٽيڪس گھٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو