لانگ مارچ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي اڳواڻن کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لانگ مارچ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي اڳواڻن کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي لانگ مارچ کان اڳ وڏو حڪم جاري ڪندي اسلام آباد پوليس جي پي ٽي آئي اڳواڻن بابت ٺاهيل لسٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا ۽ شهرين کي غير ضروري حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پوليس پاران حراسان ڪرڻ جي خلاف اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد نياز الله نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي اسلام آباد پوليس رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي چيف جسٽس پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڪهڙيون لسٽون ٺاهي رهيا آهيو اوهان اسٽيٽ ڪائونسل جواب ڏنو ته آئي جي صاحب لسٽ ٺاهي آهي اسان انهن ماڻهن کي شوئرٽي بانڊز ڏيڻ لاءِ چيو آهي چيف جسٽس پوليس تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته هي حراسمينٽ آهي ڪيئن اوهان ان تي ڪال ڪري سگهو ٿا اوهان ڪيئن انهن کي ڪال ڪري سگهو ٿا هي ڪوئي طريقو آهي هو اڳوڻو ايڊووڪيٽ جنرل آهي پوليس جواب ڏنو ته هي رپورٽ اسپيشل برانچ ٺاهي آئي جي صاحب کي ڏني ۽ هن اسان کي ڏني چيف جسٽس پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته درخواست گذار کي ڪنهن ڪال ڪئي هئي پوليس سب انسپيڪتر عظمت باجوا ٻڌايو ته مان ڪال ڪئي هئي ۽ شوئرٽي بانڊ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو هو عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن قانون تحت پوليس شوئرٽي بانڊ گهريا آهن پوليس جواب ڏنو ته اسان امن امان ۾ نقص جي ڪري بانڊ گهريا هئا جيڪو حڪم هو ان تي عمل ڪيو درخواست گذار جي وڪيل چيو ته مئجسٽريٽ ئي شوئرٽي بانڊ جو آرڊر ڪري سگهي ٿو پوليس کي اختيار ئي نه آهي چيف جسٽس اسٽيٽ ڪائونسل کي حڪم ڏنو ته اسپيشل برانچ جيڪا لسٽ ٺاهي ان بابت ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪريو شوئرٽي بانڊز جو پوليس جيڪو طور طريقو اختيار ڪيو آهي اهو قانوني طور ٺيڪ نه آهي شهرين کي ٿاڻي تي گهرائي شوئرٽي بانڊ وٺڻ بابت اسٽيٽ ڪائونسل عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بني گالا ٿاڻي جي پوليس عملدارن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ضمانتي بانڊ وٺڻ جي قانوني حيثيت تي پوليس مطمئن نه ڪري سگهي لسٽن بابت پوليس ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪري عدالت پٽيشنرز ۽ شهرين کي ايندڙ ٻڌڻي تائين حراسان ڪرڻ کان روڪيندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو