ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انتظار قتل ڪيس ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ پوليس اهلڪارن جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا، 2جوابدارن دانيال ۽ بلال جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي آھي عدالت جوابدار طارق محمود، طارق رحيم، اظهر، شاهد عثمان، غلام عباس ۽ فواد جي عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آھي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن پوليس اهلڪارن بلال رشيد ۽ محمد دانيال کي موت جي سزا ٻڌائي هئي اڳوڻي ايس ايڇ او طارق محمود، طارق رحيم ۽ اظهر حسن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي










