عدالتي فيصلن کي چئلينج ڪندڙ جرڳائي فيصلا

عدالتي فيصلن کي چئلينج ڪندڙ جرڳائي فيصلا

عاجز امتياز نوح پوٽو
سنڌي قوم سان ھر دور ۾ خاص ڪري غريب ، مسڪين، مظلوم ۽ اٻوجھه ماڻھن سان ڪيتريون ئي نا انصافيون ٿينديون رھيون آھن ،اھي بي واجبيون ڪڏھن ،ارغونن جي اھنجن ، ايذائن ۽ عذابن جي صورت ۾ ڪڏھن ترخانن جي تيزن ترين طوفاني مصيبتن جي صورت ۾ ته ڪڏھن وري عربن ، انگريزن جي ڪيل ڏاڍ ، ظلم ، دوکن ،دولابن ۽ ويساھ گھاتين جي صورت ۾ ھڪ غمگين ۽ ڏکاري تاريخ بڻجي سامھون آيون آھن . ان سان گڏو گڏ سنڌ جي پنھنجي سنڌي سردارن ، ڀوتارن ، اميرن ، وڏيرن ، پيرن ۽ ميرن به سنڌي مظلومن ۽ مسڪينن غريبن ۽ اٻجھن مٿان پنھنجي ڏاڍ ، ظلم ۽ قھرجا ڪوٽ ڪيرائي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ، بس ھڪ دفعو ھنن وٽ ڪو فيصلي لاءِ وڃي سوسھي ، باقي پوءِ ويھي ڏسو ته ھي ڪئين ٿا ھڪ طرفا ٿي ٻين کي گھاڻي ۾ پيڙن ابتي کل لاھن . ھي يار ڪوبه فيصلو خدا ڪارڻ يا خدا کي حاضر ناظر سمجھي نه پر ھڪ ٻئي ( وڏيرڪي) سفارش ۽ پنھنجي وڏيرڪي ڏنڊي جي زور تي ڪندا آھن ، ان کان علاواه جنھن طرفان ھنن کي ڪميشن جا پنج روپيه ملندا آھن ان طرفان ونگار وھي ويندا آھن ، اھو ناھن سوچنيدا ته ڪنھن ۾ ڪيتري سھپ آھي بس ھي صرف پنھنجي ئي ڳالھه پوري ڪندا آھن ، حالانڪ ھن وقت پراڻي دور واري وڏيرا شاھي ، سرداري نظام يا ڀوتارڪي غلامي وارو سسٽم ته ناھي رھيو پر پوءِ به ڪٿي ڪٿي خاص ڪري ٻھراڙي واري علائقن ۾ اڃان تائين سائين جن جون سلاميون ٿوريون گھڻيون ڀريون وڃن ٿيون ، ٻھراڙي جا ڪجھه سادا ماڻھون اڄ به صبح صبح جو وڃي ھنن جي حاضري ڀرين پيا جنھن جي ڪري ڀائو وارنن ۾ آ ڪڙ خاني ، مغروري ۽ مستي سمايل آھي جنھن جي نتيجي ۾ غريبن جو خون چوسيو وڃي ٿو،
انسان ڪيترو به پاڻ کي پاڪ پوتر ، متقي پرھيزگار يا مسجد جو ڪکُ سمجھي پر پوءِ به ڪڏھن ننڍيون توڙي وڏيون غلطيون ڪري وجھندو آھي جنھن ڪري عام چوڻي آھي ته ( انسان خطا جو گھر آھي) يا ھڪ ٻي چوڻي آھي ته ( غلطي انسان کان ئي ٿيندي آھي اھڙا ٻيا به کوڙ سارا مثال موجود آھن ، بحرحال انسان کان ڪوتاھيون ٿينديون آھن ( خود ڏاڏي آدم عله السلام کان غلطي ٿي ھئي ته پوءِ اسان ڪھڙي باغ جي موري آھيون ) انھن غلطن ، ڪوتاھن يا خطاءُن جا فيصلا به ٿيندا آھن ۽ انھن جا ازالا به ڀوڳڻا پوندا آھن ( خود ڏاڏي آدم عله السلام جو فيصلو به ٿيو ۽ سزابه ڀوڳي) پر حد جي اندر ۽ سھپ آڌار ، ائين ته ناھي جو (کڄن پنج ڪلو ته کڻائجن ڏھ ڪلو) ھر شيءِ جي ڪا حد ھوندي ھوندي آھي اھڙي طرح جرگن ، فيصلن جي به ڪا حد ھوندي آھي ، ھميشه ڪوبه فيصلو خدا ڪارڻ سوچي سمجھي ڪيو وڃي ، ايئن نه ٿئي جو ڪو غرين ويلوکائڻ ۾ مجبور ھجي ۽ ان تي ھيڪوڻ جي ڏھوڻ جرمانو رکي ان جو رھيو خھيو اِلھهُ تِلھهُ به ٻھاري ڇڏجي اگر اھڙو فيصلو اھو ويچارو غريب نه مڃي ته ان کي چوري ، اغوا ، ڌاڙا ، ڦرون ڪرائڻ جھڙيون ڌمڪيون ڏئي ان مسڪين جو ساھ مُٺ ۾ ڪيو وڃي ، ان کان علاوه مارڻ ، مارائڻ يا وري ڪوڙا ڊاما ڪري پوليس ۾ ڪيترائي ڪيس ڪري ڦاسائي غريب جا سمورا رستا بند ڪري صرف گھرن تائين محدود ڪري ڇڏجي ته جيئن ھو اھڙن ڌمڪين جي ٻوسٽ ۾ تڙپي تڙپي مري وڃي ۽ ھن کي ڪو ڪفن ڏئي دفنائڻ وارو به نه ھجي يا وري اھو غريب ٻيلي جو رخ ڪري پنھنجو سڀني گھر ڀاتين ، مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ به تڙپندو رھي اھڙي فيصلا ھي وڏيرا ڪيترن قسمن خاص ڪري پيا رجو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙن لاءِ ڪندا آھن جنھن جا مثال کوڙ سارا ملن ٿا.
ھوءِ ته روزانو پرنٽ ميڊيا ، اليڪٽرنڪ ميڊيا ۽ سوشل تي ڪيترائي پڙھڻ ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچڻ ٿا ۽ ميڊيا جي وسيلي ماڻھن تائين پھڇن ٿا ۽ ميڊيا پنھنجو حق سچ عوام تائين پھچائيندي رھي ٿي پر مون کان ھڱورجا ۾ پريمي جوڙي سيد سباس طاھرا ۽ ڪامران لاڙڪ جو وقعو اڄ ڏينھن تائين ڪنن ۽ گونجي رھيو آھي ۽ اکن ۾ آئينو ٿي بيٺل آھي جن کي وقت جي وحشي وڏيرن ، ظالمن زھرجا پيالا زبردستي پياري ھڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو ، ڪامران لاڙڪ کي موت جي ننڊ ڏئي قيامت تائين قبر ۾ سمھاري ڇڏيو ۽ سيده سباس طاھرا لاءِ به اھائي ڪوشش ڪئي وئي پر شايد خدا کي اھا ڳالھه منظور نه ھئي ھن نياڻي جي نصيب ۾ اڃان ڪجھ ڏک سور ڏسڻ لکيل آھن ۽ پئي ٿي انھن سان نيھن نڀائي ۽ ڏسجي ته اھي ڪيسيتائين ٿا ھن جي ڏاج ۾ رھن ، ان کان علاوه تازوئي چار مھينا اڳن ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ديھات جي رھواسي شڪيله ڪلھوڙو ۽ اعجاز علي نوح پوٽو جي عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪري ھتان جا مڪامي ظالم ۽ جابر وڏيرا شڪيله ڪلھوڙو جي والدين ۽ مائٽن سان گڏجي پنھنجي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ طاقت سان ھڪ طرفا ٿي اعجاز علي نوح پوٽو جي والدين ۽ مائٽن کي پاڻ ۽ پنھنجي واٺن ھٿاران مختلف قسمن جون ڌمڪيون ڏئي ۽ ڏيارائي پنھنجي جرگائي فيصلي ڪرائڻ تي مجبور ڪيو ۽ اعجاز علي نوح پوٽو جي والدين ھنن ۽ ھنن جي بنگلن تي پاليل پالتو واٺن جي خوف ۽ حراس کان ڊڄي ڪري فيصلو ڪرايو ته صحي پر ان فيصلي ۾ ھنن ويچارن سان جيڪا وڏيرن ۽ وڏيرن سان مليل سوين ماڻھن ڪئي اھا خدا ٿو ڄاڻي ٻيو اتي ويٺل ڏسڻ وارا پيا ڄاڻن ڇا ڪاڻ جو ھنن ويچارن جي طرفان ڪو وڏيرو يا امين به ڪونه ھو ته وري ڪي سوين ماڻھون به ڪونه ھئا صرف ڳوٺ جا چند ماڻھون ھئا اھي به نه برابر ان جو فائدو ھنن ھڪ ئي قوم جي وڏيرن ۽ امينن خوب ورتو ۽ پوءِ ته اعجاز نوح پوٽو جي والد ويچاري جي ڪو حالت ڏسي ھان ته ڪيئن پيو ھڪ ھڪ اڳيان ٻانھون ٻڌي ، جئين ڊارمن ۾ وڏيرن ۽ غريبن جا ( سِين) ھونداآھن ، اھو ئي منظر اچي رھيو ھيو ويچارو ھڪ ھڪ وڏيري کي پيو منٿو ايلاز ڪري پر ٻڌڻ وارو ڪونه ھيس ۽ اٺ لک روپيه جرماني جو ڏنڊو سينڌ وارو ھينس جو ويچارو ڪي سال سئين ئي نه اچي سگھي ، ھن ويچاري طرفان ڳالھائڻ وارو ڪو ھيو ڪونه ۽ ھنن ھڪ طرفو فيصلو ڪري شڪيله ڪلھوڙو جي والدين جون پنجئي آگريون گھ ۾ وجھي ڇڏيون ۽ ھنن جي مزاڪ اڏائي تماشو ڪري پنھنجي غلامي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ھنن ظالم وڏيرن کي ڪو رحم ڪياس نه پيو ته ويچاري ۾ڪيتري برداشت آهي وڏي ڳالھه اھا ته عدالت کان ڊڄندي پنھنجي ڪيل فيصلي جي لکت به ھنن ويچارن کي نه پيا ڏين ۽ پيس ٽائيم تي نه ڏيڻ تي اُگرو نتيجوڳ نڪرڻ جھڙيون ڌمڪيون ڏئي ھنن جو ساھ مُٺ ۾ ڪيو ويو اھي آھن ھن دور جي وڏيرن جا فيصل جيڪي غريب جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏن ٿا .
ھتي وضاحت طلب ڳالھه اھا آھي ته اگر ڇوڪرو ڇوڪري کي زبردستي اغوا ڪري کڻي وڃي ٿو ته پوءِ ان جو جيڪو به نتيجو ڪڍجي اھو ٿي سگھي ٿو ۽ جوابدار کي جيتري به سزا ڏجي ٺيڪ آ پر جڏھن ڇوڪري پاڻ گھران نڪري ڇوڪرو سان وڃي پنھنجي راض خوشيءَ سان نڪاح ڪري شادي ڪري ٿي ته پوءِ جرگو يا فيصلو چا جو ؟ ان ۾ اگر ڏوھي آھن ته ٻئي ھڪ جھڙا آھن ، ان ۾ صرف ڇوڪرو ڏوھي ڇو؟ جڏھن ته عدالت ٻنھي کي پنھنجي حق ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿي ته پوءِ عدالتي فيصلن کي چئلنج ڪري ھي وڏيرڪا جرگائي فيصلا ڇو؟

پهنجو تبصرو موڪليو