ملڪ ۾ روزاني جي بيناد تي هيلٿ ڪئمپون لڳن پيو: پٽيل

ملڪ ۾ روزاني جي بيناد تي هيلٿ ڪئمپون لڳن پيو: پٽيل

اسلام آباد (بيورو) صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بيناد تي هيلٿ ڪئمپون لڳايون پيون وڃن ترجمان مطابق هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو ۽ صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳايون وڃن ٿيون هن چيو ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخواه سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 هيلٿ ڪئمپن جو اهتمام ڪيو ويو وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواه جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون هن چيو ته بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپن جو اهتمام ڪيو ويو وفاقي وزير چيو ته ڪل 5644 مريضن کي طبي امداد ڏني وئي. 5 سالن کان گهٽ عمر 1262 ٻارڙن کي طبي امداد ڏني وئي وفاقي وزير چيو ته هيلٿ ڪئمپن ۾ 705 ٻارڙن کي پوليو جا حفاظتي ڦڙا ڏنا ويا. هيلٿ ڪئمپن ۾ 222 ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا لڳايا ويا وفاقي وزير چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو