اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اسيمبلي ۾ واپسي مشروط طور تي امريڪي سائفر جي جاچ جي حوالي سان ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آمريڪي سيفرنس جي جاچ ٿي ته اسيمبلي واپس اچي سگهي ٿي.هن چيو ته اسان جا اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا هئا، خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪيئن خراب ٿي ويا، حڪومت کي اپوزيشن کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا گهرجن، اپوزيشن ۾ هئڻ دوران اسان جا لاڳاپا ڪيئن هوندا؟ پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ ئي حقيقت آهي، ان وٽ سمورا اختيار آهن. هن چيو ته هو خطي ۾ سڀني سان قومي مفاد تحت لاڳاپا چاهين ٿا،اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت معيشت کي اهڙي موڙ تي آندو جو دوا بدران سرجري جي ضرورت آهي، مفتاح اسماعيل ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ترجيح معيشت نه پر ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ آهي.هن چيو ته موجوده حڪومت 1100 ارب رپين جا نيب ڪيس بند ڪيا آهن، اسحاق ڊار نيب ڪيس ختم ٿيڻ سان ئي وطن واپس اچڻ لاءِ تيار آهي، اسحاق ڊار کانپوءِ نواز شريف به وطن واپس اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.عمران خان چيو ته هاڻي حڪومت ملي ته ماضي جون غلطيون نه ورجائيندا، تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو حڪومت ۾ آئي ان ڪري غلطيون ٿيون، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبا ڪري رهيا آهيون.










