ٺٽو(ن س) جماعت اسلامي ٺٽو پاران مرڪزي سڏ تي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي ٻوڏ متاثرين جي ضلعي انتظاميہ طرفان سار نہ لھڻ، آيل سامان ۾ ڪرپشن ڪري من پسند ماڻھن کي سامان مھيا ڪري روينيو کاتي جي عملدارن پاران حقيقي ٻوڏ متاثرين جي ٿيل نقصان بجاء پنھنجي من پسند ماڻھن جي سروي ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو مڪلي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن الطاف احمد ملاح، عبدالله آدم گندرو، ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون، غلام شفيع سمون، ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو، عبدالرحمان سمون، عبدالحميد شورو، محمد علي خٽڪ، اعجاز احمد، مستاق احمد، امير حمزہ شورو، خدابخش اگھيم، عرس سنگھار، سرور بلوچ جي اڳواڻي ۾ جماعت جا جھنڊا ۽ بينر کڻي سخت احتجاج ڪندي ڊي سي آفيس سامھون گيٽ آڏو مڪلي/غلام الله روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳواڻن چيو تہ ٻوڏ توڙي برسات کي ڪافي وقت گذرڻ باوجود متاثرين جي ڪابہ پوئيواري سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميہ طرفان ناھي ڪئي ويئي، ٻوڏ متاثرين بچاء بندن سميت مختلف ھنڌن تي بي يارو مددگار بنجي فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل آھن، کين صحت، صاف پاڻي جي ڪابہ سھوليت ميسر نہ ھجڻ ڪري ھو بيمارين جي ور چڙھي ويا آھن، کين تنبو، راشن، مڇردانيون بہ ملي ناھن سگھيون، سنڌ حڪومت سميت ضلعي انتظاميہ کي وڏا فنڊ جاري ٿيڻ سان گڏ وڏي تعداد ۾ امداد، راشن، تنبو ملڻ باوجود حقيقي متاثرين کي ڪجھ بہ ناھي ملي سگھيو، رڳو من پسند ماڻھن کي نوازڻ سميت سامان مان گودام ڀريا پيا وڃن، پر برسات توڙي ٻوڏ متاثرين کي ڪجھ بہ نٿو ڏنو وڃي، جن جو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آھي. ھنن چيو تہ ٻوڏ توڙي برسات متاثرين جي امداد ۾ ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين عملدارن پاران ڪيل ڪرپشن خلاف عدالت ۾ وينداسين. ھنن گھر ڪئي تہ متاثرين جي امداد ۾ ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي حقيقي متاثرين کي تنبو، راشن، مڇردانين سان گڏ صاف پاڻي، صحت جون سھولتون مھيا ڪري سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي بوڏ توڙي برسات متاثرين جي سھائتا ڪري من پسند ماڻھن کي نوازڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. ھنن اھو پڻ چيو تہ پوري سنڌ ۾ واحد جماعت اسلامي آھي جيڪا حقيقي ٻوڏ متاثرين جي وس آھر مدد توڙي انھن لاء ڪئمپ سٽي قائم ڪري کين پڪو کاڌو، راشن سميت علاج جون مفت سھولتون مھيا ڪري رھي آھي، جيڪو سلسلو متاثرين جي مڪمل بحالي تائين جاري رھندو.










