دادو(ن س) اگر توهان صفائي نه ڪندئو ته هاڻ ويهي ڏيکاريو گندگيءَ ۾ شهري ميونسپل ڪميٽي آفيس دادو آڏو رڪشا ۾ ڪچهرو کڻي اچي اڇلائي ڇڏيو؛ تفصيل موجب ڪروڙين رپين جي بجيٽ هئڻ باوجود دادو ميونسپل آفيس ڪرپشن جي ور چڙھي وئي شھري ڪچري جو رڪشا ڀري اچي ميونسپل آفيس ۾ ڦٽو ڪري انوکو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي شهري ذوالفقار خشڪ ٻڌايو ته دادو جي ميونسپل ڪامورن جي نا اهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو ميونسپل عملي کي بار بار شڪايتن باوجود صفائي نه ٿيڻ تي شهري پاڙي جو گند چنگچي رڪشا تي کڻائي ميونسپل آفيس پهچي ويو شهري اڄ مجبور ٿي پاڙي جون گند ڪچرو رڪشا ۾ کڻي اچي ميونسپل جي گيٽ تي ڦٽو ڪيو آهي شهري جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل هڪ مهيني کان ميونسپل آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان ميونسپل عملو گند کڻڻ لاءِ تيار ناهي ان ڪري گند چنگچي رڪشي تي کنائي پهتو آهيان شهري دانهيو ته پورو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي سندس پاڙي ۾ گند جا ڍير لڳي ويا آهن شهري ذوالفقار خشڪ مطالبو ڪيو ته جلد پاڙي سميت پوري شهر جو گند کڻائي صفائي ڪرائي وڃي .










