اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته مان نه ٿو چوان ته نواز شريف ۽ شهباز شريف غدار آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته غداري ڪيس ۾ هن عدالت کي ياد ڏياريو ته مان پارليامينٽ جي ميمبر ناهيان، شهري طور آئي آهيان، پي ٽي آءِ اسيمبلي ۾ ناهي. ۽ لوٽا به اسان جي پارٽي ناهن.هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين مزاري چيو ته پي ٽي آءِ وٽ سينيٽ ۾ اڪثريت ناهي، قانون سازي لاءِ پارليامينٽ ۾ اڪثريت گهربل آهي.شيرين مزاري چيو ته هن 2020ع ۾ غداري واري قانون جي حمايت نه ڪئي، هوءَ نه ٿي چوي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف غدار آهن، پر نواز شريف ۽ شهباز شريف ملڪ جي درد کي نٿا سمجهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن چورن جي چونڊ ٿيندي ته سندن ترجيحون مختلف هونديون.










