پوليس پاران نينگر کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج

خانپورمھر(ن س) خانپورمهر ۾ پوليس پاران نينگر کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج، گذريل رات دير پوليس بنا جواز گهر تي چڙهائي ڪري 15 ورهين جي فيض رسول عرف ببلو پٽ عبدالحميد سومرو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي،خدشو آهي ته پوليس نينگر کي نقصان پهچائيندي،مسڪين آهيون اختياريون نوٽيس وٺي نينگر کي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي،وارث خبرموجب، خانپورمهر جي سومرا محلي جي رهواسين عبدالحميد سومرو، حاجي در محمد سومرو، مسمات ڌياڻي، اسلم سومرو، ظفر علي سومرو، رحمت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان پوليس ڌاڙيلن جيان گهر ۾ ڪاهي پئي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ بعد 15 ورهين جي نينگر فيض رسول عرف ببلو پٽ عبدالحميد سومرو کي کنڀي وئي، هنن چيو ته اسين مسڪين آهيون ڪنهن سان به دشمني ناهي بنا جواز سکر ۽ روهڙي جي پوليس گهر ۾ گهڙي نينگر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي،هنن چيو ته اسين خانپورمهر ٿاڻي توڙي روھڙي ٿاڻي تي نينگر بابت پڇا ڪرڻ لاءِ ويا آهيون پر پوليس ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي هن مهل تائين نينگر جو ڪو پتو پئجي سگهيو آهي، خدشو آهي ته پوليس نينگر ڪو نقصان پهچائيندي، نينگر جي وارثن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي نينگر کي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو