ٻوڏ متاثر پاڪستانين جي امداد هڪ قطري کان وڌيڪ ناهي: سينيٽر

ٻوڏ متاثر پاڪستانين جي امداد هڪ قطري کان وڌيڪ ناهي: سينيٽر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين باب مينينڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد هڪ بوند کان وڌيڪ ناهي.نيو جرسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر باب مينينڊز پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي تي چيو ته پاڪستان لاءِ انٽرنيشنل ڊونرز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي ۽ آمريڪا طرفان آءِ ايم ايف سان گڏجي ڊزاسٽر پيڪيج ڏنو وڃي، پاڪستان کي به وڌيڪ رليف ملڻ گهرجي.هن چيو ته يوڪرين ۽ افغانستان وانگر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي عارضي تحفظ جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون ۽ هو اهو معاملو پاڻ صدر جوبائيڊن آڏو رکندا.ان کان علاوه پاڪستان جو دورو ڪندڙ ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن به آمريڪي ايوان نمائندگان کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ 6 مهينا وڌيڪ لڳي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو