اسلام آباد: (بيورو) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته مجلس عزا منعقد ڪري عزاداري پڻ ڪئي پئي وڃي.ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه سميت ننڍن وڏن شهرن مان جلوس نڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿي روايتي رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه تي اختتام پذير ٿيندو.لاهور ۾ چهلم حضرت امام حسين جو مرڪزي جلوس الف شاهه حويلي تان برآمد ٿيندو. ڪوئٽه ۾ امام بارگاهه حسيني سيدآباد علمدار روڊ تان برآمد ٿيندڙ جلوس بهشت زينب قبرستان ۾ اختتام پذير ٿيندو. جلوس جي رستن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد جمون ڪشمير سميت سموري ملڪ ۾ فوجي دستا مقرر ڪيا ويا آهن. ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئته سميت وڏن شهرن ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ جلوس جي روٽ تي موبائل فون سروس به معطل ڪئي وئي آهي.










